حڪيم مخدوم محمد مراد صديقي

حڪيم مخدوم محمد مراد صديقي: سنڌ جو ناليوارو حڪيم مخدوم محمد مراد صديقي ولد مخدوم محمد حسن صديقي 1925ع ڌاري سيوهڻ ۾ ڄائو. هيءُ ابتدائي طور عربي ۽ فارسي پڙهيو، کيس انگريزيءَ تي به وڏو عبور هو. هن پنهنجي ذاتي ڪوششن سان هڪ عاليشان لائبرري قائم ڪئي، جيڪا سنڌ جي مثالي لائبرري آهي. هن لائبرريءَ ۾ 56 هزار کان به وڌيڪ ڪتاب موجود آهن. لائبرريءَ ۾ اسلام، تاريخ، ادب، سماجيات سميت هر علم تي ڪتاب موجود آهن. هن لائبرري متعلق دنيا جي معروف نشرياتي اداري بي. بي. سي خاص رپورٽ هلائي. حڪيم مراد کي بلوچي، پشتو، سرائيڪي، پنجابي، بروهي ۽ ٻين زبانن تي به عبور هو. هيءُ مريضن سان سندن مادري ٻولين ۾ ڳالهائيندو هو. حڪيم مخدوم محمد مراد صديقي جامع مسجد قاضي محلا ۽ مرڪزي قديم عيدگاهه جو خطيب ۽ پيش امام به رهيو. هن ڪيترن ئي غريب شاگردن کي پنهنجي خرچ تي تعليم ڏياري. هي غريب ۽ بي سهارا ماڻهن جو مفت علاج ڪندو هو.
قلندر لال شهباز جي درگاهه لاءِ حڪومت پاران جوڙيل نگهبان ڪميٽيءَ جو چيئرمئن به مقرر ٿيو ۽ درگاهه جون چاٻيون سندس حوالي ٿيون. سندس خاص ڪوششن سان حضرت لعل شهباز قلندررحه جي عرس تي سڀ کان پهرين ادبي ڪانفرنس منعقد ٿي، جيڪا اڄ ڏينهن تائين ٿيندي رهي ٿي. وٽس ٻاهرين ملڪن کان به مريض علاج لاءِ ايندا هئا. سيوهڻ ۾ پري کان ايندڙ مريضن کي مفت رهائش جي سهولت ڏني ويندي هئي. سندس دواخاني جون شاخون سيوهڻ، حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ ۾ قائم هيون، جتي پاڻ هر هفتي مقرر ڏينهن تي مريضن جو علاج ڪندو هو. حڪيم مخدوم مراد صديقي 15 حج ۽ 35 کان وڌيڪ عمرا به ڪيا. سعودي عرب جا ڪيترائي عرب امير به وٽس علاج لاءِ ايندا هئا. ڪراچيءَ ۾ سندس رهائش گلشن اقبال ۾ هوندي هئي، جڏهن ته دواخانو فيڊرل بي ايريا ۾ هو. کيس ست پٽ ۽ ٽن نياڻين جو اولاد آهي. سندس پٽ به ڊاڪٽر ۽ حڪيم آهن.


لفظ حڪيم مخدوم محمد مراد صديقيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو